پنجاب جي علائقي شيخوپورا ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن

sheikhupura-map

پنجاب جي علائقي شيخوپورا ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن.

شيخوپورا جي علائقي ڪوٽ پنڊي داس ۾ هڪ گهر اندر سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت هڪ ڪٽنب جا 6 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن ۽ پاڙيسرين پهچي سلينڊر ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيلن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*