خانپورمهر ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
خانپورمهر ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڳوٺ واهي گهوٽو جي رهواسين فهد ڌاريجو ۽ علي ڌاريجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته ديهه ڊرٻ ۾ اسان جي 2 ايڪڙ زمين تي بااثر وڏيري قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن.
هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪرايو وڃي.