چيف سينسس ڪمشنر آصف باجوا چيو آهي ته ڇهين آدمشماري جو سمورو رڪارڊ فوج وٽ موجود آهي ۽ شفافيت بابت ڪجهه ماڻهن جي نادرا کان جاچ ڪرائي وئي

asif bajwa

چيف سينسس ڪمشنر آصف باجوا چيو آهي ته ڇهين آدمشماري جو سمورو رڪارڊ فوج وٽ موجود آهي ۽ شفافيت بابت ڪجهه ماڻهن جي نادرا کان جاچ ڪرائي وئي.

اسلام آباد ۾ آدمشماري بابت  چيف سينسس ڪمشنر آصف باجوا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾مختلف جماعتن جي سينيٽرز ۽ ٻين اڳواڻن  شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران چيف سينسس ڪمشنر چيو ته فوج جي غير موجودگي سبب آدمشماري 2015 ۾ نه ڪرائي وئي ۽ ڇهين آدمشماري جو سمورو رڪارڊ فوج وٽ دستياب آهي.

هن چيو ته آدمشماري سرڪاري ملازمن ذريعي ڪرائي وئي ۽ هاڻي آدمشماري جي نتيجن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ  500 ڪمپيوٽرز جي مدد سان ٻن شفٽن ۾ ڪم جاري آهي.

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته  آدمشماري کانپوءِ تڪبنديون ضروري آهن پر حڪومت تڪبندين تي ڪو به ڏيان نه ڏنو  آهي.

رحمان ملڪ وقت تي تڪ بنديون نه ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي  جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*