لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۽ سموگ جو راڄ برقرار آهي

lahore

لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۽ سموگ جو راڄ برقرار آهي، ڪيتريون ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون متاثر ٿيڻ سان گڏ ٽرينن جو به شيڊول متاثر ٿيو آهي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۽ سموگ جي نتيجي ۾ ڏسڻ جي حد ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

پاڪ پتن، جهانيان، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گوجره، لوڌران، چيچه وطني، راجن پور ۽ ٻين شهرن ۾ سموگ ۽ ڪوهيڙي جي نتيجي ۾ ڏسڻ جي حد ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

موٽروي پوليس موجب ڪوهيڙي جي نتيجي ۾ موٽر وي ايم فور فيصل آباد کان گوجره موٽر وي، ايم ٿري پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد، موٽر وي ايم ڪوٽ مومن کان لاهور تائين بند آهي.

ترجمان موجب پشاور کان صوابي موٽر وي وڏي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ ڪوهيڙي جي نتيجي ۾ 22 غير ملڪي ۽ ڪيتريون ئي ملڪي اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري مسافر پريشانيءَ جو شڪار آهن.

ڪوهيڙي سبب رياض، لنڊن، اسلام آباد ۽ ڪراچي ويندڙ اڏامون رد ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه استنبول ويندڙ 4 اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪوهيڙي سبب ڪوئٽه کان ايندڙ ويندڙ ٽرينون به ڪيترائي ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*