سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني نظام ۾ ترميم وارو بل ۽ سنڌ انشورنس پبلڪ پراپرٽي بل منظور ڪيا ويا

سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني نظام ۾ ترميم وارو بل ۽ سنڌ انشورنس پبلڪ پراپرٽي بل منظور ڪيا ويا آهن، صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ماضي ۾ سنڌ جو ڪوئلو ٻي هنڌ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ گئس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري رهيون آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير سڪندر منڌري مڪاني نظام ۾ ترميم وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

پاس ٿيل بل تحت حد بندين وارا اختيار اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اميدوارن لاءِ پينل وارو شرط به ختم ڪيو ويو آهي.

نئين بل تحت يوسيز ۽ يونين ڪميٽيز ۾ وارڊ قائم ڪيا ويندا.

اجلاس دوران سنڌ انشورنس پبلڪ پراپرٽي بل به پيش ڪيو ويو، جنهن جي متحده پاران مخالفت ڪئي وئي.

اجلاس دوران فنڪشنل ليگ جي نندڪمار گوڪلاڻي اسڪولن جي نصاب ۾ هندو ۽ عيسائي شاگردن لاءِ سندن مذهب تحت مضمون شامل ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءَ تي ڳالهائيندي نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ پونجو مل ڀيل چيو ته اقليتي برادري ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ڌرتي نه ڇڏيندي ۽ ڪجهه ماڻهو ڪاروبار سبب ڀارت لڏي وڃن ٿا.

اجلاس دوران متحده جي نائلا منير اسيمبلي ۾ معذورن لاءِ مخصوص سيٽون مختص ڪرڻ جو ٺهراءَ پيش ڪيو، جنهن جي پ پ ميمبرن پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو.

سوالن جوابن جي وقفي دوران ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ماضي ۾ سنڌ جو ڪوئلو ٻي هنڌ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هن چيو ته سنڌ جي ڪوئلي تي سڀ کان وڌيڪ حق صوبي جي ماڻهن جو آهي ۽ اهو گوادر يا ٻين صوبن بدران هتي استعمال ٿيڻ گهرجي.

سيد مراد علي چيو ته گئس ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار نٿيون ڏين ان لاءِ وفاق کي لکيو آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ صوبي اندر سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي ڀڃايو ويو ۽ جڏهن 2008 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي ته ڪابه ڪمپني سيڙپڪاري لاءِ تيار نه هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*