ڳڙهي خيرو ۾ ڳوٺاڻن پاران بلوچستان جي بااثر شخص جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ghari khero pro

ڳڙهي خيرو ۾ ڳوٺاڻن پاران بلوچستان جي بااثر شخص جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ نهال فقير جي رهواسين مزار عمراڻي ۽ مجاهد عمراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته بااثر ماڻهن ڳوٺ تي حملو ڪري هدايت الله عمراڻي کي زخمي ڪرڻ بعد سندس والده کي قتل ڪري اسان کي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پيرسن عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان جي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*