عمرڪوٽ ۾ٿرٽيل واھ ۽ نور واھ جي پاڻي ۾ ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

umerkot map

عمرڪوٽ ۾ٿرٽيل واھ ۽ نور واھ جي پاڻي ۾ ڪٽوتي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبادگارن حاجي يوسف ساند، فقير حميد انڙ، غلام شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته نارا ڪئنال مان سندن شاخن لاءِ ايندڙ پاڻي  ۾ ڪتوتي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هنن جا بيٺل فصل سڪي رهيا آهن ۽ نئين پوکي نه ڪري سگهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن حصي جو پاڻي ڪٽوتي ڪرڻ جو نوٽيس وٺي کين پورو پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اهتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*