ڀارت ۾ ڊانس فيسٽول جاري، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪلاسيڪل ڊانسرز پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو

ڀارت ۾ ڊانس فيسٽول جاري آهي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان ڪيترائي ڪلاسيڪل ڊانسرز پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهي رهيا آهن.

ڀارتي رياست مڌياپرديش جي کجوراهو شهر  ۾ ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊانس فيسٽول ٽئين ڏينهن به جاري آهي جنهن ۾ سموري ملڪ مان ڪيترائي ڪلاسيڪل ڊانسرز حصو وٺي رهيا آهن.

ڊانس فيسٽول جو مقصد ثقافتي ۽ روايتي رقصن کي هٿي وٺرائڻ آهي جنهن ۾ ڊانسرز اڪيلي توڙي گروپن جي شڪل ۾ فن جو مظاهرو ڪري لوڪ ڪهاڻيون رقص ذريعي پيش ڪن ٿا.

فيسٽول دوران مختلف ڪلاسيڪل ڊانسرز ڀارتنتيام، ڪچي پڙي، ڪٿڪ ۽ مني پوري ڊانسز پيش ڪن ٿا،فيسٽول 26 فيبروري تائين جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*