ٽنڊي الهيار ويجهو هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون، ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

tando ahliyar

ٽنڊي الهيار ويجهو هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون، ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ بقا هاليپوٽو ۾ هاليپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾لٺيون، ڪهاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ شاهد هاليپوٽو، سڄڻ، ستار ۽ نياز هاليپوٽو شامل آهن، زخمين کي سول اسپتال ٽنڊي الهيار ۾ شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.

 ٻنهي ڌرين ۾جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*