مصطفيٰ ڪمال فاروق ستار سان ٿيل ملاقاتن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هئڻ جو اعتراف ڪري ورتو

mustafa kamal

مصطفيٰ ڪمال فاروق ستار سان ٿيل ملاقاتن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هئڻ جو اعتراف ڪري ورتو، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملاقاتن دوران نئين پارٽي ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو هو، فاروق ستار ايم ڪيو ايم باني کان به وڏي فلم آهي، متحده باني حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نئين صوبي جي ڳالهه ڪندو هو پر فاروق ستار پارٽي ڇڏي ۽ واپس قيادت سنڀالي نئين صوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان ڪنهن جي رازن کي وائکو ڪرڻ وارن مان ناهيون، سعد رفيق جو بيان آهي ته اسٽيبلشمينٽ سڀ ڪرائي پئي.

هن چيو ته 6کان 8مهينن تائين اسٽيبلشمينٽ فاروق ستار سان ملائڻ لاءِ چوندي رهي ۽ ساڻس ملاقات ڪرائي.

پي ايس پي سربراهه چيو ته فاروق ستار ڪوڙ ڳالهايو، مان سڄو سچ ڳالهائي رهيو آهيان، اسٽيبلشمينٽ سان هر صحافي هر سياستدان ڳالهائي ٿو، هو به ايجنٽ طور نه پر ماڻهو ڇڏائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائي ٿو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته فاروق ستار اسان جي شڪايت به اسٽيبلشمينٽ کي ڪندو آهي، ايم ڪيو ايم جو باني را جو ايجنٽ ۽ عمران فاروق جو قاتل آهي.

هن چيو ته ڇا فاروق ستار کي خبر ناهي ته عمران فاروق کي ڪنهن قتل ڪيو؟، جيڪو ڪجهه ٿيو فاروق ستار جي خواهش تي ٿيو.

پي ايس پي سربراهه چيو ته مان جڏهن ايم ڪيو ايم کي مڃان ئي نٿو ته اتحاد ڪيئن ڪندس، غداري ڪيس ۾ گرفتار شخص 8ڪلاڪن کانپوءِ پارٽي سربراهه بڻجي ويو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته مهاجرن جو ايم ڪيو ايم کان وڏو  دشمن ٻيو ڪير به ناهي، 22آگسٽ 2016تي ايم ڪيو ايم باني پاڻ تي آپگهاتي حملو ڪيو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم باني جي چوڻ تي ميڊيا ادارن تي حملا ڪيا ويا، هاڻ هي لاشن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سندس امڙ جيئري هجي ها ته به ان کي سياست لاءِ استعمال نه ڪري ها.

پي ايس پي سربراهه چيو ته ترقياتي ڪمن جي ٺيڪن ۾ ميئر 6سيڪڙو رشوت وٺي ٿو.

هن چيو ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم باني کان به وڏي فلم آهي، متحده باني کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ هوندو هو ته نئين صوبي جو نعرو هڻندو هو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪيون، نئين پارٽي ٺاهڻ تي به اتفاق ٿيو، هاڻي به فاروق ستار سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*