ڊاڪٽر عاصم خلاف 17 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ختم ڪرڻ بابت درخواستن تي نيب پراسيڪيوٽر دليل مڪمل ڪري ورتا آهن

dr asim

ڊاڪٽر عاصم خلاف 17 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ختم ڪرڻ بابت درخواستن تي نيب پراسيڪيوٽر دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا وڪيل دليل ڏيندا.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 17 ارب ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي.

نيب جي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته هو ته ڪيس هلائڻ چاهين ٿا، پر جوابدارن جا وڪيل ٻڌڻي تي نيون درخواستون داخل ڪرائيندا آهن، جنهن سبب اڄ تائين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ناهي ٿي سگهيو.

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنو ته اڄ به ڪيترائي جوابدار موجد ناهن پر انهن جون درخواستون آيون آهن.

نيب جي پراسيڪيوٽر پاران دليل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*