نوابشاهه ۾ريلوي لائين پار ڪندي مال گاڏي جي ٽڪر ۾عورت فوت ۽ هڪ سال جي نينگري زخمي ٿي پئي آهي

nawabsh rail ji takr

 نوابشاهه ۾ريلوي لائين پار ڪندي مال گاڏي جي ٽڪر ۾عورت فوت ۽ هڪ سال جي نينگري زخمي ٿي پئي آهي.

 پراڻي سبزي منڊي ڦاٽڪ ڀرسان 40 ورهين جي عورت ريلوي لائين پار ڪري رهي هئي ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ مالي گاڏي کيس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾هو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته فوتي عورت جي ڪڇ تي کنيل هڪ سال جي نينگري زخمي ٿي پئي آهي، حادثي واري هنڌ موجود ماڻهن زخمي ٿيل نينگري کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي نينگري جو علاج ڪيو پيو وڃي. فوتي عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. حادثي بعد ريلوي پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ لاش اسپتال پهچايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*