جي يو آءَ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومري چيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ، پ پ ۽ تحريڪ انصاف کي شڪست ڏيندي

rashid somro

جي يو آءَ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومري چيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ، پ  پ ۽ تحريڪ انصاف کي شڪست ڏيندي، سنڌ کي ٽوڙڻ وارن جون ٽنگيون ڀڃي ڇڏينداسين، سنڌ ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا.

سکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين،سنڌ حڪومت غيرسنڌين کي ڏيڻ جي سازس ٿي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا، پ پ حڪمرانن ڪرپشن ڪري ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

راشد محمود سومري چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ڪامورن جو سخت احتساب ٿيڻ گهرجي، نوجوان بيروزگاري سبب ڊگريون کڻي آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*