ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي جواب لاءِ اهم پريس ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي

farooq sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي جواب لاءِ اهم پريس ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي، فاروق ستار چيو آهي ته شهيدن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪراچي جي نوجوانن لاءِ روزگار جو انتظام ڪيو وڃي.

عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي يادگار شهداءَ قبرستان ۾ قبرن تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن ۽ ڪراچي جي نوجوانن لاءِ روزگار جو انتظام ڪيو وڃي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي تشدد جي الزام کان آزاد ڪيو آهي، 5 نومبر جي جلسي کانپوءِ نئون حوصلو مليو آهي.

ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته انتظاميا ڪارڪنن تي حملي جي خطري کان آگاهه ڪيو، پر سوال اهو آهي ته مصطفيٰ ڪمال کي ڪو خطرو ناهي، اسان ئي رڳو غير محفوظ ڇو آهيون؟

فاروق ستار چيو ته شهيدن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ جدوجهد کي جاري رکي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*