پنوعاقل ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ ۾ شگرملون نه هلائڻ ۽ ڪمند جو اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

pano akil pp

پنوعاقل ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ ۾ شگرملون نه هلائڻ ۽ ڪمند جو اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

  نيڪ محمد ڪورائي ۽ اسحاق جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيو.

احتجاج ڪندڙ چيو ته سنڌ سرڪار  هر سال سازش تحت شگرملون وقت سر نه هلائي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ڏئي رهي آهي.

هنن چيو ته آبادگارن کي ڪمند جو صحيح اگهه به نٿو ڏنو وڃي، جنهن سان آبادگار معاشي طور تباهه ٿي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ جلد شگر ملون هلائي ڪمند جو اگهه 300 روپيا في مڻ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*