عدالت وزيراعظم جي نااهلي بابت درخواست کي آئين جي روشني ۾ ڏسي رهي آهي جسٽس جواد ايس خواجا

سپريم ڪورٽ جي ڪوئٽيا رجسٽري ۾ وزيرا عظم جي نا اهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته معاملي کي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي روشني ۾ ڏِسي رهيا آهيون.

وزير اعظم نا اهلي بابت درخواست جي سپريم ڪورٽ جي ڪوئٽيا واري رجسٽري ۾ جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته هي هڪ بنيادي مسئلو آهي ۽ عدالت انهي معاملي کي آئين جي آرٽيڪل 62، 63 جي روشني ۾ ڏسي رهي آهي.

اٽارني جنرل سلمان بٽ عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته هي سياسي نوعيت جو ڪيس آهي، اهڙيون درخواستون پهريان به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون، پر عدالت درخواستون رد ڪيون.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي بنيادي مسئلو آهي، اسان کي آئين جي آرٽيڪل 62، 63 تحت ڪيس کي ڏسڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*