لاهورهائيڪورٽ مريم نواز خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Lahore-High-Court-12-4-16

لاهورهائيڪورٽ مريم نواز خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڌرين سڀاڻي تائين پنهنجا دليل مڪمل ڪن.

لاهورهائيڪورٽ جي جتش مامون الرشيد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل اظهر صديق مصروفيت سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

درخواستگذار آمنا ملڪ جي وڪيل اظهر صديق موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز پاناما فيصلي کانپوءِ عدليا خلاف بيان ڏنا ۽ توئٽس ۾ پاناما فيصلي کي تڪراري بڻائي جي ڪوشش ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مريم نواز عدليا خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

وڪيل اظهر صديق جي پيش نه ٿيڻ سبب عدالت سڀاڻي تائين ڌرين کي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*