لاهور هائيڪورٽ شريف خاندان جي ملڪيت اتفاق ٽيڪسٽائيل ملز کي 15 ڊسمبر تائين نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Lahore-High-Court-19816

لاهور هائيڪورٽ شريف خاندان جي ملڪيت اتفاق ٽيڪسٽائيل ملز کي 15 ڊسمبر تائين نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،خانگي بينڪ جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته اتفاق ٽيڪسٽائيل ملز ورتل قرض واپس ناهي ڪيو.

لاهور هائيڪورٽ جي جج جسٽس شاهد ڪريم مسلم ڪمرشل بينڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

مسلم ڪمرشل بينڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اتفاق ٽيڪسٽائل ملز جي مالڪن ڪاروبار لاءِ قرض حاصل ڪيو ۽ بدلي ۾ نوازشريف جي مائٽن ملز گروي رکرائي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مان هارون يوسف، ميان يوسف، ڪوثر، سائرا فاروق ۽ عائشه قرض جي  گارنٽي ڏني هئي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قرض نه ڏيڻ سبب 2000 ۾ اتفاق ٽيسڪٽائل ملز کي ڊيفالٽر قرار ڏنو ويو هو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مسلم ڪمرشل بينڪ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي 15 ڊسمبر تي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز جي نيلامي جو حڪم ڏئي ڇڏيو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*