اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض اسيمبلي ميمبر ضياءَ الله آفريدي جي وڪيل سردار لطيف کوسا جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

ziaullah afridi

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض  اسيمبلي ميمبر ضياءَ الله آفريدي جي وڪيل سردار لطيف کوسا جواب جمع ڪرائي ڇڏيو  آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ضيا الله آفريدي جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر جي وڪيل سردار لطيف کوسا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجو جواب جمع ڪرايو.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات چيو ته جواب جمع ڪرائڻ ۾ دير ڇو ٿي؟

جنهن تي سردار ليف کوسا جواب ڏنو ته ڪجهه دستاويز نه ملڻ سبب جواب جمع ڪرائڻ ۾ دير ٿي. عائشه گلالئي جي ريفرنسز جو به انتظار ڪري رهيا هئاسين.

وڪيل سردار لطيف کوسا چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تائين دليل مڪمل ڪندا، جنهن تي اليڪشن ڪمشنر دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هوڏانهن ضياءَ الله آفريدي عمران خان تي لنڊن ميئر جي لاءِ يهودي اميدوار جي حمايت جو الزام لڳائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الله آفريدي چيو ته هن تحريڪ انصاف تان استعيفيٰ ناهي ڏني،

ضياءَ الله آفريدي چيو ته عوامي مسئلن ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ جي حڪومت جي ڪرپشن تي تنقيد ڪئي، جنهن تي چيئرمين ڪاوڙ ۾ اچي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.

هن چيو ته عمران خان به پاڻ غلطيون ڪيون آهن ۽ کيس يوٽرن ڪرڻو پيو آهي.

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ چيو ته عمران خان پرائيوٽ جهازن ۾ سفر ڪندو آهي،

هن چيو ته پارٽي سربراهه کي اليڪشن ڪميشن دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ ٻين ادارن سان ٽڪرائجڻ نه گهرجي.

ضياءَ الله آفريدي چيو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين پاڻ سمورن سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪندو آهي ۽ هن ٻنهي شوڪاز نوٽيسز جي جواب ۾ الزامن کي رد ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*