جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ سينيٽر حافظ حمد الله چيو آهي ته ملي مسلم ليگ ۽تحريڪ لبيڪ کي ايم ايم اي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي

hafiz hamdullah

جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ سينيٽر حافظ حمد الله چيو آهي ته ملي مسلم ليگ ۽تحريڪ لبيڪ کي ايم ايم اي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا جماعتن جي اتحاد ۾ شموليت جو فيصلو ڪندي.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته سموريون جماعتون چئي رهيون هيون ته ايم ايم اي کي فعال ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ايم ايم اي کي بحال ڪرڻ جو مقصد مذهبي جماعتن جي ووٽرن کي گڏ ڪرڻ آهي.

جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ چيو ته سياسي جماعتن جي سياست هڪ فرقي تائين محدود نه آهي ۽ نه ئي اهي صرف مذهبي جماعتون آهن پر اتحاد سياسي حيثيت به رکي ٿو.

ملي مسلم ليگ ۽ تحريڪ لبيڪ کي ايم ايم اي شامل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ حمد الله چيو ته ايم ايم اي جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

حافظ حمد الله چيو ته ڪميٽي 2002 کانپوءِ جيڪي به مذهبي سياسي جماعتون اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ٿيون آهن، انهن جو جائزو وٺي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*