ميانوالي لڳ ڦر جي ڪوشش دوران هڪ ڦورو مارجي ويو آهي

mianwali

  ميانوالي لڳ ڦر جي ڪوشش دوران هڪ ڦورو مارجي ويو آهي.

لاگر روڊ تي ڦر جي ارادي سان ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي ڪار سوارن ۽ ڦورُن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو آهي.

ميانوالي پوليس موجب 3 اڻ ڄاتل ڦورو لاگر روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ڦر ڪري رهيا هئا،جنهن دوران هنن هڪ ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڪار  سوارن فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اڻ ڄاتل 24 ورهين جو ڦورو مارجي ويو آهي.جنهن جي لاش کي مردا خاني منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪار سوارن بابت ڪا ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، جيڪي پڻ موقعي تان فرار ٿي ويا هئا.

 پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ پستول، 17 گوليون، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڦر ٿيل پندرنهن هزار رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڦورُن 2 موٽرسائيڪل سوارن محمود ۽ سندس ساٿي کي رسن سان ٻڌي ڇڏيو هو، جن کي آزاد ڪرايو ويو آهي.

پوليس موجب فرار ٿي ويل 2 ڦورُن ۽ ڪار سوارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*