نوشهروفيروز ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا اچانڪ چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 شاگرد زخمي ٿي پيا

nfroze school

نوشهروفيروز ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جا اچانڪ  چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ چاناري جي پرائمري اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب 6 شاگرد شعيب، عبدالهادي، ياسر، گلزار، احسان اسد موروجو زخمي ٿي پيا، جن کي درياخان مري اسپتال مان علاج بعد فارغ ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسڪول جي عمارت کي ٺهي مس 10 سال ٿيا آهن، پر هاڻي ئي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب شاگرد زخمي ٿيا آهن.

هنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي.

هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي ته اسڪول جي بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ جو نوٽيس وٺي شاگردن جي زندگي محفوظ بڻائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*