اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو نڪاح ڪنهن پڙهايو اهو معاملو اهم آهي،نڪاح هلي يا نه هلي اهي پاڻ ڄاڻين

qayam ali shah

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو نڪاح ڪنهن پڙهايو اهو معاملو اهم آهي،نڪاح هلي يا نه هلي اهي پاڻ ڄاڻين.

شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي خلاف اڳ به اتحاد ٺاهيا ويا، هاڻي به اتحاد ٺاهيا پيا وڃن، جنهن سان پ پ تي ڪو به فرق نه پوندو.

قائم علي شاهه چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي.

ادب ۽ ماحولياتي مسئلن بابت ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس ۾آمريڪا، ڊينمارڪ، سوئيڊن، جرمني، برطانيا، ترڪي، مصر، چائنا، ايران، انڊيا، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*