سنڌ اسيمبلي، شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي، شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران ڪورم پورو نه هئڻ تي مخالف ڌر پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو ۽ نصرت سحر عباسي 2013 جو سوال پڇڻ جو موقعو 2017 ۾ ڏيڻ خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪورم پورو نه هئڻ تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر ميمبرز جون مائيڪس بند ڪرائي ڇڏيون.

نصرت سحر عباسي سوال پڇڻ دوران اعتراض اٿاريو ته 2013جو سوال پڇڻ جو موقعو 2017 ۾ ڏيڻ عوامي سان ناجائزي آهي، جنهن تي هوءِ ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪندي.

نصرت سحر چيو ته پابند نه بڻائڻ سبب وزير ۽ ميمبر غيرحاضر رهن ٿا، پر ان جو نتيجو عوام ڀوڳي ٿو.

واڪ آئوٽ بعد نصرت سحر ايوان ۾ واپس آئي ته ڊپٽي اسپيڪر کيس سوال ڪرڻ کان روڪيو ۽ بعد ۾ سوال جو موقعو ڏنو.

نصرت سحر چيو ته وزير موجود ناهن سوال جو جواب ڪير ڏيندو؟، جنهن تي شهلا رضا موٽ ڏني ته نظر نٿو اچي ته عينڪ وٺي ڏيئون، اطلاعات کاتي جو وزير موجود آهي.

نصرت سحر عباسي موٽ ۾ چيو ته ڪير ڪهڙي کاتي جو وزير آهي خبر ئي نٿي پئي.

پ پ جي عبدالستار راڄپر، شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ لاءِ ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن تي خيرالنساء مغل بحث ڪندي چيو ته شاگرد تنظيمن جي سياست ٻيهر زنده ٿيڻ گهرجي.

خورشيد جوڻيجو چيو ته شاگرد تنظميون سياست جي نرسري آهن، بينظير ڀٽو به شاگرد سياست جي پيداوار هئي.

 پي ٽي آءِ جي ثمر علي ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته شاگرد تنظيمن کي سياسي جماعتن جي ٻانهن بڻايو ويو آهي، انهن کي سياست کان ڌار ڪرڻ گهرجي.

سعيد غني چيو ته ضرورت پوڻ تي شاگرد تنظيمن تي پابندي جي خاتمي لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي.

فيصل سبزواري ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته شاگرد تنظيمن کي قائدي ۾ آڻي متحرڪ ڪرڻ گهرجي.

شاگرد تنظيمن تان پابندي هٽائڻ بابت بحث ۾ اويس قادر شاهه ۽ امداد پتافي به حصو ورتو، جنهنکانپوءِ وقتي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*