اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، 28 نومبر تي ٻڌايو ويندو

election

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، 28 نومبر تي ٻڌايو ويندو.

 درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ڊمي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، تنهن ڪري انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

 چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾بينچ آڏو تحريڪ انصاف جو وڪيل بابر اعواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي پيش ٿيا.

ٻڌڻي جي موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف پارٽي آئين جي خلاف ورزي ڪري انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون.

 13 مئي تي پي ٽي آءِ جي پارٽي آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، جنهن لاءِ درست طريقو اختيار نه ڪيو ويو.

 هن جو چوڻ هو ته پارٽي آئين ۾ ترميم لاءِ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت هجڻ ضروري آهي.

 هن اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي ته تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن کي اليڪشن پٽيشن ذريعي ڪالعدم قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته درخواست گذار جو پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن سان تعلق ناهي، انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواست ٻڌڻي جي قابل ناهي.

هن چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون شفاف طريقي سان ڪرايون ويون، عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن بابت سرٽيفڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 28 نومبر تي ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*