پرڏيهي وزير خواجا آصف کي اقامي جي بنياد تي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران خواجه آصف پاران لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ويو
پرڏيهي وزير خواجا آصف کي اقامي جي بنياد تي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران خواجه آصف پاران لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ويو، جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته درخواستگذار حقيقتن کي لڪايو ۽ نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سميت هر فورم استعمال ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران خواجه آصف پاران 7صفن تي ٻڌل جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18سيپٽمبر تي عدالت لارجر بينچ جوڙي ۽26 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪيو.
جواب ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته خواجا آصف لارجر بينچ کي چيلينج ڪيو آهي ۽ لارجر بينچ جوڙي اپيل جو حق کسيو ويو آهي.
جواب ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته درخواستگذار حقيقتن کي لڪايو آهي ۽ نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سميت هر فورم استعمال ڪيو ويو.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.