تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي، ايران ۽ امريڪا ۾ڇڪتاڻ واري صورتحال تي اڻڄاڻ نٿا رهي سگهون

shah mehmood qureshi

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي، ايران ۽ امريڪا ۾ڇڪتاڻ واري صورتحال تي اڻڄاڻ نٿا رهي سگهون، ايران ۽ آمريڪا ۾ نئين ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي.

اوڪاڙا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب جي معاملن به ڪو به اڻڄاڻ نه آهي. ايران آمريڪا ڇڪتاڻ جي صورت ۾ لاتعلق نٿو رهي سگهجي.

هن چيو ته جسٽس آصف سعيد ديانتدار آهي ان کي معذرت ئي ڪرڻي هئي، ڪيس جي اهميت کي نظر ۾ رکندي جلد نئين بينچ جوڙيندو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا رستا بند آهن، خبر ناهي ته گهرو وزير ڪٿي آهي؟

شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان جو وقت کان اڳ وارو چونڊن جو مطالبو آئين جي خلاف نه آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته حڪومت جي غيرفعال ٿيڻ سبب وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪيو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ کي پي ٽي آءِ ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*