دادو ۾ ايڪتا ڏينهن جي تيارين جي سلسلي ۾ڊسٽرڪٽ سوشل فورم پاران دهل شرنائين سان ريلي ڪڍي وئي
دادو ۾ ايڪتا ڏينهن جي تيارين جي سلسلي ۾ڊسٽرڪٽ سوشل فورم پاران دهل شرنائين سان ريلي ڪڍي وئي.
ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش پاران اعلان ڪيل ايڪتا جي ڏهاڙي جي جاڳرتا لاءِ بروهي ڪالوني مان نڪتل ريلي شهر جو گشت ڪري دادو پريس ڪلب پهتي جتي قومي گيتن تي نوجوانن رقص ڪيو.
ريلي ۾ نوجوانن مجيب پنهور، جاويد گهلو، رضوان ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
انهيءَ موقعي تي نوجوانن 3 ڊسمبر تي ايڪتا جي ڏهاڙي کي قومي جذبي سان ملهائڻ جو عزم ورجايو.