سنڌ هاءِ ڪورٽ، احتساب عدالتن پاران شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن

Sindh-high-sharjeel-14-1

سنڌ هاءِ ڪورٽ، احتساب عدالتن پاران شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب قانون ڪارو هو ته ان ۾ اسيمبلي مان ترميم ڇو نه ڪرائي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شرجيل ۽ ٻين جي نيب عدالتن پاران گرفتاري وارنٽس جاري ڪرڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته ريفرنس داخل ڪرڻ واري ڏينهن ئي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.

فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ نيب عدالتون جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري نٿيون ڪن، پر سنڌ جون احتساب عدالتون ٻٽو معيار اختيار ڪري رهيون آهن، جڏهن ته جاچ دوران عدالت کي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل دليل ۾ چيو ته نيب جي چيئرمين شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ناهن ڪيا ته پوءِ گرفتاري عمل ۾ ڪيئن آندي وئي.

فاروق ايچ نائيڪ چيو ته پرويز مشرف نيب جو ڪارو قانون متعارف ڪرايو، اڳوڻي صدر آصف زرداري کي هڪ ڪيس ۾ بري ڪيو ويو ته ٻي ڏينهن تي نيب کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون پيا ته نيب چيئرمين جي اختيارن ۾ ڪهڙيون اڙانگيون آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن نيب جو ڪارو قانون هو ته ان ۾ اسيمبلي مان ترميم ڇو نه ڪرائي وئي؟، جنهن تي دليل ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 2013 ۾ ترميم جو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻيو ويو پر اسمبلين جو مدو ختم ٿيڻ سبب ترميم نه ٿي سگهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ بعد نيب جي وارنٽس خلاف شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*