رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Rangers-Karachi-121016

رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رينجرز پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب بلال ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن سان لاڳاپيل جوابدار محمد حنيف عرف لمباڪو کي گرفتار ڪيو  ويو، جيڪو ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتيخوري سميت مخلتف ڏوهن ۾ ملوث آهي.

رينجرز ترجمان موجب ماڙيپور ۾ ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن فيض الرحمن، عمران عرف پپو ۽ شوڪت علي کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز جي پريس رليز موجب جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*