ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، سينٽرل جيل جي قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ ٽن پوليس آفيسرن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي

ATC Karachi

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، سينٽرل جيل  جي قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ ٽن پوليس آفيسرن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪراچي سينٽرل جيل مان خطرناڪ قيدي فرار ٿيڻ ۽  هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته قيدين جي فرار ٿيڻ کانپوءِ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز گڏيل طور جيل ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

عدالت پراسيڪيوٽر جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جيل جي ٽن آفيسرن اسسٽنٽ جيل سپرينڊنٽ غلام مرتضيٰ، عبدالرحمان شيخ ۽ فهيم اشرف جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*