اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي نيب جي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب ساڍي 12وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي

Ishaq-Dar-21117

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي نيب جي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب ساڍي 12وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاچ آفيسر لاهور ۾ آهي جلد اچي ويندو، تنهن ڪري ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي ساڍي 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،اسحاق ڊار 7 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿي چڪو آهي ۽ 4 ڀيرا غيرحاضر رهيو آهي.

گذريل ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن اسحاق ڊار ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته ضمانتي مچلڪا ضبط ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*