سانگهڙ ويجهو واٽر ڪورس جي نئين ٺھندڙ پل اوچتو ڊهي پوڻ جي نتيجي ۾ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو آهي

Sanghar-30716

سانگهڙ ويجهو  واٽر ڪورس جي نئين ٺھندڙ پل اوچتو ڊهي پوڻ جي نتيجي ۾ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو آهي.

سانگهڙ_ميرپور خاص روڊ تي نئين ٺهندڙ پل اوچتو ڊهي پئي، پل جي تعمير جو ڪم ڪندڙ آصف يوسف زئي دٻجي فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان جو لاش ٻين مزدورن ملبي هيٺان ڪڍي سانگهڙ جي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ  بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

فوتي مزدور جو لاش شهر جي شھمير پنھور ڪالوني ۾سندس گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*