سڪرنڊ ڀرسان تيز رفتار وين موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

سڪرنڊ ڀرسان  تيز رفتار وين موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وڃڻ  جي نتيجي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس وين جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مير خان لغاري اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي شاهده حاجاڻو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 3 ڄڻا حبيب الله، ولي محمد ۽ ذوالفقار  حاجاڻو سخت زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کيِ نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ٿي.

جڏهن ته پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري وين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*