پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ “زيابطيس ڊائبيٽڪ” جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي آهي

nawabshah

پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ “زيابطيس ڊائبيٽڪ” جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي آهي.

جاڳرتا ريلي ڊاڪٽر علي مردان عمراڻي، ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هر سال سڄي دنيا ۾ 14  نومبر تي زيابطيس ڊائبيٽڪ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، دنيا ۾ زيابطيس شوگر  جي بيماري عورتن ۾ وڌيڪ آهي.

هنن چيو ته  هڪ عورت جي متاثر ٿيڻ سان سڄو گهر ۽ خاندان متاثر ٿئي ٿو ۽ سندن اولاد ۾ پڻ اها بيماري منتقل ٿئي ٿي.

هنن جو آخر ۾ چوڻ هو ته دوائن سان گڏ ضروري آهي ته ايڪسرسائيز تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ وقت تي ماني کائڻ سان گڏ کاڌي خوارڪ تي پڻ ڪنٽرول ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*