محرابپور ڀرسان 4 سال اڳ قتل ٿي ويل پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mehrabpurmap02-9

محرابپور ڀرسان 4 سال اڳ قتل ٿي ويل پورهيت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مقتول پورهيت  منور خاصخيلي جي وارثن پيرسن والد مجيد، الهوسايو، مبين خاصيخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي وارثن چيو ته قتل واقعي کي 4 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي.

هنن چيو ته بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن سبب جوابدار سرعام آزاد گهمي رهيا آهن.

آخر ۾ هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته قتل واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*