ٽنڊي آدم ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي جوابدارن تي 7 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن

tando adam

ٽنڊي آدم ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪندي جوابدارن تي 7 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس ڳوٺ جعفر دستي وٽان مبينا پوليس مقابلي بعد 5 ڏوهارين نادر شيدي، نادر چاڪراڻي، ممتاز گوپانگ، غلام رباني چانڊيو ۽ نديم بروهي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان چوري ڪيل 2 موٽر سائيڪلون 2 چنگچي رڪشا، 3 پسٽل ۽ ٻيو گهرو سامان  هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي محمد ايوب بروهي ۽ ايس ايڇ او ملڪ مشتاق  گڏيل طور ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرفتار ٿيل ڏوهاري شهر مان ٿيندڙ چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث آهن، جن وٽان مذڪورھ سامان هٿ آيو آهي.

هنن چيو ته جاچ دوارن ڏوهارين ٻين ڏوهن جو به اعتراف ڪيو آهي، جنهن جي رڪوري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

آخر  ۾ هنن چيو ته ڏوهاري ڪيترا به  با اثر ڇو نه هجن، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*