اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت درخواست تي ٻڌڻي 4 ڊسمپر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

imran khan election

اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت درخواست تي ٻڌڻي 4 ڊسمپر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالتن پاران تاريخ ڏيڻ سبب اسان کي به تاريخ ڏيڻي پوي ٿي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل شاهد گوندل ۽ علي بخاري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.

وڪيل شاهد گوندل چيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ ضابطن کي چيليج ڪيو ويو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته عجيب ڳالهه آهي ته عدالتن پاران تاريخ ڏيڻ سبب اسان کي به تاريخ ڏيڻي پوندي آهي.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي وڪيل کان هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي به گهري.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي اهو آرڊر ڏيکاريو وڃي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري ڪيو هجي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي بخاري چيو ته هاءِ ڪورٽ وڌيڪ ڪارروائي روڪڻ جو  حڪم ڏنو آهي.  جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي نه ڪرڻ لاءِ ڪو به حڪم جاري نه ڪيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر  چيو ته چونڊ ضابطن سياسي جماعتن ۽ آئين موجب ٺهندا آهن، ڇا انهن کي هاڻ ختم ڪيو وڃي؟

چيف اليڪشن ڪمشن چيو ته ڊسمبر ۾ دليل ٻڌڻ کانپوءِ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

چيف اليڪسن ڪمشنر اين اي 120 ۾ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي سمورن درخواستن جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*