اليڪشن ڪميشن نوازشريف کي پارٽي صدارت کان روڪڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي وڪيل جي غيرحاضري سبب 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

Nawaz-Sharif-261017

اليڪشن ڪميشن نوازشريف کي پارٽي صدارت کان روڪڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي وڪيل جي غيرحاضري سبب 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ نوازشريف کي پارٽي صدار کان روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ سميت ٻين جماعتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عوامي تحريڪ جو وڪيل پيش ٿيو.

وڪيل شاهد گوندل اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب هو پيش نه ٿي سگهيو، ان ڪري وقت ڏنو وڃي.

عوامي تحريڪ جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪالهه اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن  ڪمشنر سردار محمد رضا چيو ته پارٽي صدارت جي حوالي سان آئيني ترميم ٿي چڪي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت پارليامينٽ جي ڪنهن به قانون کي معطل نٿي ڪري سگهي  پر ان کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن وڪيل جا دليل ٻڌندي نوازشريف جي پارٽي صدارت بابت درخواست جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته نوازشريف کي پارٽي صدارت کان روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ، عوامي تحريڪ ۽ ٻين جماعتن درخواستون جمع ڪرايون آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*