ٺٽي جي ايڌي سينٽر تان 22 هين ڏينهن به بلڊر جو قبضو ختم نه ٿي سگهيوآهي

thatta edhi pro

ٺٽي جي ايڌي سينٽر تان 22 هين ڏينهن به بلڊر جو قبضو ختم نه ٿي سگهيوآهي، جڏهن ته سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران علامتي بک هڙتال جاري آهي.

ايڌي بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران ايڌي سينٽر ٺٽو جي تالابندي خلاف 22 ھين  ڏينھن تي  به  ايڌي سينٽر ٻاهران قائم ڪيل بک هڙتالي ڪيمپ ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

سياسي، سماجي ۽ شھري تنظيمن جي اڳواڻن غلام مجتبيٰ خشڪ، ستار ميرانخور، ناٿو بروهي نظير جاکرو، راجو قريشي سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن احتجاجي ڪئمپ تي پھچي علامتي بک ھڙتال ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لينڊ مافيا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي هن فلاحي اداري کي بند ڪرايو آهي، جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي.

هنن چيو ته فلاحي اداري تالا بندي ختم ڪرڻ تائين  بک هڙتال جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*