خيرپور ناٿن شاهه ويجهو فرسٽ سول جج پاران قبضي هيٺ آيل ڳوٺ سيناڻي لاکير گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تي ڇاپوهڻي

Khairpurnathan-shah-210516

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو فرسٽ سول جج پاران قبضي هيٺ آيل ڳوٺ سيناڻي لاکير گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تي ڇاپوهڻي، اسڪول تي قبضو ڪندڙ ٻن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي فرست سول جج سليم ناصر ميراڻي جو ڳوٺ سيناڻي لاکير جو گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تي ڇاپو هڻي 2010ع کان قبضي هيٺ آيل اسڪول جو قبضو ختم ڪرائي ٻن جوابدار عبدالوهاب لاکير ۽ عبدالرئوف لاکير تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن سول جج کي چيو ته ڳوٺ جا بااثر عبدالوهاب لاکير ۽ عبدالرئوف لاکير 2010ع کان اسڪول تي قبضو ڪري پنهنجو سامان رکي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سندن نياڻيون تعليم کان محروم آهن.

جنهن بعد پوليس اسڪول تان قبضو ختم ڪرائي، ٻن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري هڪ ڄڻي عبدالوهاب لاکير کي گرفتار ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*