ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار مفتي عبدالقوي پنهنجي ياترا کي مطالعاتي دورو قرار ڏئي ڇڏيو

mufti abdul qavi

ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار مفتي عبدالقوي پنهنجي ياترا کي مطالعاتي دورو قرار ڏئي ڇڏيو، مفتي عبدالقوي چيو آهي ته قنديل بلوچ ڪيس ۾ پوليس سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي، جيل وڃڻ دوران خبر پئي ته ڪيترائي بيگناهه ماڻهو قيد آهن، جن جا ڪيس به نه هلي رهيا آهن.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي عبدالقوي چيو  ته سندس جيل ياترا مطالعاتي دورو هئي.

هن چيو ته قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ هن پوليس سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ۽ سمورن سوالن جا جواب  ميڊيا سان به شيئر ڪيا.

مفتي عبدالقوي چيو ته جيل ۾ اهڙا قيدي به موجود آهن، جيڪي بي گناهه آهن، جن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين.

ماڊل قنديل قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار چيو ته قنديل بلوچ جي قتل کي 17 مهينا گذري ويا، ان دوران کائنس جيڪي به سوال ٿيا، هن انهن جا جواب ڏنا.

هن چيو ته پوليس طرفان هن وقت تائين سندس چالان مڪمل نه ڪيو ويو آهي، کيس خوشي تڏهن ٿيندي، جڏهن جاچ آفيسر مڪمل چالان پيش ڪندو.

ماڊل قنديل قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار چيو ته جيلن ۾ بي گناهه ماڻهو ڀريا پيا آهن، جن تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي، سول سوسائيٽي کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ انهن ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

مفتي عبدالقوي چيو ته هو پنهنجي جماعت تحريڪ انصاف جي قيادت کي به ان حوالي سان آگاهه ڪندو، ته ملتان ۽ مظفر ڳرهه جي جيلن ۾ ڪيترائي پٺاڻ قيد آهن. جن تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي انهن بي گناهه ماڻهن جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي.

مفتي عبدالقوي چيو ته مون کي عدالتن تي اعتبار آهي، جيڪو به فيصلو آيو، کيس قبول هوندو ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*