بلوچستان جي تربت واري علائقي مان 15 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن

Turbat-29716

بلوچستان جي تربت واري علائقي مان 15 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، ڊي سي ڪيچ چيو آهي ته لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

تربت جي علائقي بليده۾ گورڪ ويجهو پندرنهن ڄڻن جا لاش هٿ آيا. جن کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ جو چوڻ آهي ته لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.                         پوليس ذريعن موجب، تربت مارجي ويل ماڻهن جو تعلق پنجاب صوبي جي شهر گجرات، منڊي بهاءُ الدين ۽ سيالڪوٽ سان آهي.

ذريعن موجب، مارجي ويل سمورن ماڻهن جو تعلق پنجاب سان هو، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

ذريعن  جو چوڻ آهي ته مارجي ويل 15 ڄڻا غيرقانوني طور ايران رستي نار ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*