تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي چيو آهي ته علي امن گنڊاپور کي وڏيرو بڻجڻ جو شوق آهي

Ayesha-Gulalai-26917

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عائشه گلالئي چيو آهي ته علي امن گنڊاپور کي وڏيرو بڻجڻ جو شوق آهي، عمران خان نيازي ۽ علي امن گنڊاپور جا طالبان سان جيڪي به لاڳاپا آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي چيو ته علي امن گنڊاپور کي وڏيرو بڻجڻ جو شوق آهي.

هن چيو ته عمران خان نيازي ۽ علي امن گنڊاپور جا طالبان سان جيڪي به لاڳاپا آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي.

تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ناري جي بي حرمتي ڪئي وئي، اهي بااثر شخص علي امن گنڊاپور جا هئا .

عائشه گلالئي چيو ته ميڊيا مسئلي اجاڳر ڪيو ته ٻيهر ان ناري جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو پر نيازي صاحب اڄ 19 ڏينهن گذرڻ جي باوجود مظلوم ناري لاءِ هڪ لفظ نه ڳالهايو آهي.

هن چيو ته متاثر ٿيل ناري جي ايف آءِ آر به ٿاڻي ۾ داخل ناهي ڪئي وئي. اهي ماڻهو اقتدار ۾ اچي ويا ته ملڪ جو خدا ئي حافظ آهي.

عائشه گلالئي چيو ته عمران خان جي تبديلي ۽ ڪي پي ڪي جي ماڊل پوليس جو اصل چهرو سامهو اچي چڪو آهي، پرويز خٽڪ ڪي پي ڪي ۾ ناظمن کي وڙهائيندو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*