ٺاروشاهه ۾ بيواهه عورت، مڙس جي پينشن ۽ رهيل پگهارون نه ملڻ تي ٽي ايم اي خلاف احتجاج ڪيو

tharushah

ٺاروشاهه ۾ بيواهه عورت، مڙس جي پينشن ۽ رهيل پگهارون نه ملڻ تي ٽي ايم اي  خلاف احتجاج ڪيو.

ٽائون ملازم منظور عرف شينهن شيخ جي بيواهه حسينا شيخ ٺارو شاهه پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورت ٻڌايو ته 8 مهينا گذرڻ باوجود ٽي ايم اي ڀريا ۾ سينٽري ورڪر طور ملازمت ڪندڙ مڙس جي پينشن جاري نه پئي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ٽي ايم اي وارا روز دلاسا ڏئي رلائي رهيا آهن ۽ سندن مڙس جو سروس بڪ به مونکي نه ڏئي رهيا آهن.

هن، سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته مرحوم مڙس جي پينشن ۽ رهيل پگهارون ڏياري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*