اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف کي هڪ هفتي ۽ مريم نواز کي هڪ مهيني لاءِ حاضريءَ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي

nawaz shareef and mariyam

اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف کي هڪ هفتي ۽ مريم نواز کي هڪ مهيني لاءِ حاضريءَ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، پنهنجي ڌيءُ مريم نواز نيب ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر سان گڏ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي.

نوازشريف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس گهر واري بيمار آهي، سندس لنڊن ۾ ڪينسر جو علاج هلي پيو، جنهن سبب هو پيش نه ٿي سگهندو.

درخواست ۾ چيو ويو ته 20 نومبر کان هڪ هفتي لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.جڏهن ته سندس وڪيل ٻڌڻين تي پيش ٿيندا رهندا.

احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪئي.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي هڪ هفتي لاءِ ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي نيب ريفرنسز ۾ هڪ مهيني لاءِ ڇوٽ ڏئي ڇڏي.

واضح رهي ته ، نوازشريف عدالت کي 20 نومبر کان حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي،

احتساب عدالت حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته دائمي وارنٽس بابت فيصلو 22 نومبر تي ٿيندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*