لاڙڪاڻو پوليس مختلف ڪارروايون ڪري چوري ۽ ڦر ٿيل 13 گاڏيون هٿ ڪيون آهن

 larkana-Map05-8

لاڙڪاڻو پوليس مختلف ڪارروايون ڪري چوري ۽ ڦر ٿيل 13 گاڏيون هٿ ڪيون آهن.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته 31 ڊسمبر کانپوءِ هٿيار ڦٽا نه ڪندڙ ڏوهارين خلاف فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪيو ويندو.

 لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ  جو چوڻ هو ته شهدادڪوٽ مان گرفتار ڪيل معشوق بروهي جي نشاندهي تي مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر ٿيل 13 گاڏيون هٿ ڪيون آهن، جڏهن ته 20 گاڏين بابت ڄاڻ ملي آهي، جيڪي پڻ جلد هٿ ڪيون وينديون.

 هن جو چوڻ هو ته 31 ڊسمبر تائين ڏوهاري هٿيار ڦٽاڪري پيش ٿين ته سندن قانوني مدد ڪئي ويندي، ان کانپوءِ ڏوهارين خلاف فوج ۽ رينجرز جي مدد سان ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*