خيرپور ۾ وينن مان سي اين جي سلينڊر هٽائڻ خلاف وين مالڪن پاران ٻي ڏينهن به گاڏيون بيهاري احتجاج ڪيو ويو

khairpur vagan

خيرپور ۾ وينن مان سي اين جي سلينڊر هٽائڻ خلاف وين مالڪن پاران ٻي ڏينهن به گاڏيون بيهاري احتجاج ڪيو ويو، جنهن ڪري مختلف شهرن ڏانهن گاڏيون نه هلڻ ڪري هزارين مسافر پريشان رهيا.

ويگن مالڪن پراڻي نيشنل هاءِ وي  تي گاڏيون بيهاري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ريجنل ٽرانسپورٽر انتظاميه زبردستي بناجواز گاڏين مان گئس سلينڊر لاهي رهي آهي، جيڪا اسان سان ناانصافي آهي.

هنن چيو ته گئس سلينڊر معياري ۽ تصديق ٿيل آهن،ڪجهه عملدار رشوت لاءِ گاڏين مان گئس سلينڊر لاهي رهيا آهن.

 هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گاڏين وارن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

گاڏين جي مالڪن پاران احتجاج ڪرڻ سبب خيرپور کان سکر، نوشهروفيروز، شڪارپور، لاڙڪاڻو، مورو ۽ ٻين شهرن ڏينهن ويندڙ گاڏيون نه هلڻ ڪري هزارين مسافر پريشان رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*