شهدادپور ۾ پيرسن مڙس ۽ سندس زال پاران سندن ڀائرن جي مبينا زمين تي قبضو ڪري بااثر کي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

Shahdadpur-Map-1817

شهدادپور ۾ پيرسن مڙس ۽ سندس زال پاران سندن ڀائرن جي مبينا زمين تي قبضو ڪري بااثر کي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سرهاڙي جي ڳوٺ محمد مغيري جي رهواسين اکين جي نور کان محروم پيرسن مير محمد مغيري ۽ سندن گهرواري زبيده سندن والد جي ديهه پاٻوڙ ۾ 43 ايڪڙ زرعي زمين سندس ڀائر خالد حسين، زاهد حسين ۽ منظور حسين روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي زمين بااثر ڌر کي وڪرو ڪرڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته سندن زمين مان حصو گهرڻ تي سندس ڀائر مونکي موت ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن گهر ڪئي ته مونکي سندن حق ڏياري جوابدارن خلاف ڪارووائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*