ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪندي 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-Sindh-01-26717

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪندي 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، ايمونيشن، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

ڪورنگي جي علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن محمد يوسف عرف پپو ۽ احسان علي کي گرفتار ڪيو، سندن واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جوابدار وال چاڪنگ، هوائي فائرنگ، اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا.

سچل ڳوٺ، عوامي ڪالوني ۽ زمان ٽائون جي علائقن مان 9 جوابدارن ارشد عرف ڪٽا، رمضان، محمد سليم ، رضوان سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدار روڪ رقم ۽ موبائيل ڦر، ماڻهن کي حراسان ڪرڻ، منشيات فروشي ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا .

رينجرز ترجمان موجب محمود آباد ۽ سرسيد جي علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن محمد ثاقب ۽ محمد آصف کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڀته خوري، چائنا ڪٽنگ ۽ ٻين ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا.

زمان ٽائون جي علائقي ۾ رينجرز سنيپ چيڪنگ دوران 2 جوابدارن ذاڪر ۽ محمد وسيم کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا.

درخشان، سچل ڳوٺ ۽ عوامي ڪالوني جي علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن راجا عبدالغفور، نثار احمد، راحيل علي، محمد اسلم ۽ دلدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار علائقي ۾ منشيات فروشي جي ڪاروبار ۾ ملوث هئا.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، ايمونيشن،  منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*